بنگلاديش جي فاسٽ بالر ناهيد رانا پاڪستان کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏئي آءِ سي سي ايوارڊ کٽي ورتو.
تفصيل موجب انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل طرفان اپريل جي مهيني جي بهترين رانديگر جو اعلان ڪيو ويو آهي.
نوجوان فاسٽ بالر اپريل ۾ نيوزيلينڊ خلاف ون ڊي سيريز ۾ شاندار بالنگ ڪندي ٽن ميچن ۾ اٺ وڪيٽون ورتيون.
ناهيد رانا ان کان اڳ مارچ ۾ پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز ۾ 8 وڪيٽون وٺي پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو هو.
هي پهريون ڀيرو آهي جو ناهيد رانا آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ ايوارڊ حاصل ڪيو آهي.
مهدي حسن ميراز کانپوءِ هي اعزاز حاصل ڪندڙ بنگلاديش جو ٻيو مرد ڪرڪيٽر بڻجي ويو.
واضح رهي ته ناهيد رانا هلندڙ مهيني پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ جي ٻي اننگز ۾ تباهه ڪندڙ بالنگ ڪري بنگلاديش جي بظاهر ڊرا ٿيل ميچ کي فتح ۾ بدلائي ڇڏيو هو.


