بيٽ مين 2 جي اسٽار ڪاسٽ جو اعلان، ڪير شامل؟

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڊائريڪٽر ميٽ ريوز آخرڪار باضابطه طور تي پنهنجي ايندڙ فلم ”دي بيٽ مين پارٽ ٽو“ جي مرڪزي ڪاسٽ کي منفرد انداز ۾ پيش ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

60 سالن جي فلمساز سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي مختلف ڪردارن جون مختصر وڊيوز ۽ دلچسپ پيغام شيئر ڪندي اداڪارن جي واپسي جو اعلان ڪيو.

ميٽ ريوز پهريون ڀيرو رابرٽ پيٽنسن جي بروس وين جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي ۽ لکيو، ‘اسان ٻيهر ملن ٿا، منهنجا دوست.’

جيفري رائٽ وري ڪمشنر جم گورڊن جي ڪردار ڏانهن موٽڻ جي تصديق ڪئي وئي.

اينڊي سرڪيس به الفرڊ پيني ورٿ جي ڪردار کي ٻيهر ورجائيندو.

هدايتڪار ڪولن فريل جي ’پينگوئن‘ طور واپسي جو به اعلان ڪيو، جيڪو فلم ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.

Jaime Lawson ۽ Gil Perez Abraham پڻ بيلا ريئل ۽ مارٽنيز جي حيثيت ۾ پنهنجا ڪردار ادا ڪندا.

رپورٽن مطابق سبيسٽين اسٽين، اسڪارليٽ جوهانسن ۽ بيري ڪيغان به فلم جو حصو بڻجي سگهن ٿا پر ان جو باضابطا اعلان ٿيڻو آهي.

واضح رهي ته ”دي بيٽ مين پارٽ ٽو“ پهرين آڪٽوبر 2027ع تي سڄي دنيا جي سينيما گهرن ۾ رليز ڪئي ويندي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment