ملڪيت تي قبضي لاءِ پاڪستاني-آمريڪي عورت جي قتل ڪيس؛ مڙس جي موت جي سزا برقرار

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


راولپنڊي:

عدالت ملڪيت تي قبضي جي الزام ۾ پاڪستاني-آمريڪي عورت جي قتل ڪيس ۾ مڙس جي موت واري سزا برقرار رکي آهي.

ايڪسپريس نيوز موجب پاڪستاني نژاد آمريڪي عورت وجيا سواتي جي قتل ڪيس ۾ اهم عدالتي اڳڀرائي ٿي آهي، جتي هاءِ ڪورٽ مقتول جي مڙس رضوان حبيب جي موت واري سزا برقرار رکي آهي.

عدالت چيو ته جوابدار مڙس سنگين ڏوهه ڪيو آهي، کيس موت جي سزا ٻڌائي وئي.

عدالتي رڪارڊ موجب جوابدار مڙس رضوان حبيب آمريڪي عورت جي اربين رپين جي ملڪيت تي قبضو ڪرڻ لاءِ پنهنجي زال کي قتل ڪيو.

ڪيس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جوابدار وجيا سواتي کي ڪوڙي رضامندي جي بناءَ تي پاڪستان گهرايو ۽ بعد ۾ مورگهه ٿاڻي جي حد ۾ کيس قتل ڪيو، جڏهن ته لاش خيبرپختونخواهه جي علائقي ڪوهاٽ ۾ هڪ کڏ ۾ لڪايو ويو.

ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس صداقت علي خان ۽ جسٽس تنوير احمد شيخ تي ٻڌل ڊويزن بئنچ ڪئي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته جوابدار مڙس کي موت تائين ڦاهي تي چاڙهيو وڃي.

ان کان اڳ جوابدار رضوان حبيب جو پهريون موت جي سزا جو ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ واپس ٽرائل لاءِ اماڻيو هو، جنهن بعد ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج افضل مجوڪا ٻيهر جوابدار کي موت جي سزا ٻڌائي هئي.

ياد رهي ته مورگهو ٿاڻي جي پوليس آڪٽوبر 2021 ۾ ڪيس داخل ڪيو هو، ڪيس ۾ سزا يافته جوابدار جو پيءُ به شامل هو، جيڪو جيل ۾ فوت ٿي چڪو آهي.

ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي آمريڪي سفارتڪارن جي ٽيم به عدالت ۾ موجود هئي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment