اسپيشل اولمپڪس پاڪستان: نيشنل گيمز ۾ 10 گولڊ ميڊلز جو فيصلو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



اسپيشل اولمپڪس پاڪستان پاران منعقد ڪيل نيشنل گيمز ۾ 10 گولڊ ميڊلز جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پاڪستان اسپورٽس ڪمپليڪس اسلام آباد ۾ جاري ٽن ڏينهن واري ايونٽ جو رنگا رنگ افتتاح اسپيشل اولمپڪس پاڪستان (ايس او پي) جي چيف ايگزيڪيوٽو رونق لاکاڻي ڪيو، جڏهن ته ايس او پي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ميمبر فرخ عباس، اولمپين صدف صديقي، وفاقي ريجن جي اڳوڻي سربراهه محفوظ الاهي ۽ ٻين شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي. ايونٽ جي 400 ميٽر ريس ۾ ڪي پي ڪي جي باسط علي 1.01 منٽ سان گولڊ ميڊل کٽيو، جڏهن ته پنجاب جي محمد عادل سلور ۽ وفاق جي محمد واصف برونز ميڊل کٽيو. عورتن جي 400 ميٽرن جي ڪيٽيگري ۾ سنڌ جي سعديه جنيد 1.55 منٽن سان پهرين، تبسم 1.59 منٽن سان ٻي ۽ حاجره منير 2.01 منٽن سان ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. ايف 2 وومين 100 ميٽر ريس ۾ سنڌ جي سائره اڪرم 20 سيڪنڊن سان پهرين، سنڌ جي ايمان نياز 20.37 سيڪنڊن سان ٻي، پنجاب جي سحر صفدر 20.45 سيڪنڊن سان ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. بي پلس 100 ميٽر ريس ۾ پنجاب جي عادل خان 13.98 سيڪنڊن سان سونا، پنجاب جي طيب وليد 14.23 سيڪنڊن سان سلور ۽ ڪي پي جي حماد ظهور 14.35 سيڪنڊن سان برونز جو تمغا ماڻيو. مني جيولن ٿرو ۾ وفاق جي عليشبا ڪريم ۽ امريش ڪريم پهرين ۽ ٻي، پنجاب جي سحر صفدر ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي. مردن جي لانگ جمپ ۾ سنڌ جي آصف علي 2.84 ميٽرن جي جمپ سان پهرين، پنجاب جي محبوب رسول 2.75 ميٽرن سان ٻي ۽ محمد احمد 2.74 ميٽرن سان ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment