لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور پوليس شهري جي شڪايت تي ڪارروائي ڪندي سرڪاري نوڪري جو ڏيک ڏئي لکين رپيا ڀاڙڻ واري گروهه کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب اسلام آباد جي هڪ شهري ڊي آءِ جي آپريشنز جي کليل عدالت ۾ فراڊ ۽ رقم هڙپ ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن تي ڪارروائي ڪندي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ترجمان ڊي آءِ جي آپريشنز جو چوڻ هو ته جوابدار سرڪاري نوڪري ڏيارڻ لاءِ شهرين کان لکين رپيا ڌاڙا هنيا، ڊي آءِ جي آپريشنز جي حڪم تي ايس ڊي پي او رائيونڊ ۽ ايس ايڇ او سندر فوري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته جوابدارن تائين بئنڪ اڪائونٽس، انساني انٽيليجنس ۽ ٽيڪنيڪل ثبوتن جي مدد سان پهچي ويا، جوابدارن ذوالفقار، رفيق احمد ۽ مخدوم صابر کي ٽريس ڪري ڪجهه ڪلاڪن ۾ گرفتار ڪيو ويو. ترجمان ڊي آءِ جي آپريشنز جو چوڻ هو ته ڪارروائي دوران 10 لک رپين کان وڌيڪ رقم هٿ ڪري متاثر شهري حوالي ڪئي وئي، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. متاثر شهري بروقت مداخلت تي ڊي آءِ جي آپريشنز فيصل ڪامران ۽ لاهور پوليس جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته اوپن ڪورٽ کي بنا ڪنهن سفارش جي فوري انصاف مليو، اوپن ڪورٽ شهرين کي بنا فرق ۽ بروقت انصاف فراهم ڪرڻ جو هڪ موثر پليٽ فارم بڻجي چڪو آهي. ڊي آءِ جي آپريشنز ڪامياب آپريشن تي پوليس ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ چيو ته شهرين جا مسئلا فوري حل ۽ انصاف جي فراهمي لاهور پوليس جي اولين ترجيح آهي.
Source link

لاهور؛ نوڪريءَ جو ڏيک ڏئي لکين رپيا ڀاڙڻ وارو گروهه گرفتار
Leave a Comment Leave a Comment

