پاڪستاني جبل سوار سلمان عتيق دنيا جي بلند ترين چوٽي مائونٽ ايورسٽ سر ڪري هڪ ٻيو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. سلمان عتيق اڄ رات 11 لڳي 49 منٽن تي 8 هزار 848 ميٽر بلند مائونٽ ايورسٽ جي چوٽي تي پهتو. اسلام آباد سان تعلق رکندڙ سلمان عتيق ايورسٽ سر ڪندڙ 14 هون پاڪستاني بڻجي ويو. مائونٽ ايورسٽ دنيا جي بلند ترين چوٽي آهي، جنهن تي چڙهائي ڪرڻ وارن لاءِ وڏي ڪاميابي سمجهي ويندي آهي. ياد رهي ته سلمان عتيق گذريل سال به نيپال جي ماسلو چوٽي کي ڪاميابي سان سر ڪري چڪو آهي، جڏهن ته کيس هن تازي ڪاميابي تي جبل پرست حلقن ۽ سوشل ميڊيا صارفين طرفان مبارڪون ڏنيون پيون وڃن.
Source link

پاڪستاني جبل سوار سلمان عتيق دنيا جي بلند ترين چوٽي مائونٽ ايورسٽ سر ڪري ورتو
Leave a Comment Leave a Comment

