ممبئي انڊينز جي ڪپتان هاردڪ پانڊيا کي انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي سزا ڏني وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب هاردڪ پانڊيا تي ميچ فيس جو 10 سيڪڙو ڏنڊ لڳايو ويو آهي جڏهن ته کيس هڪ ڊيميرٽ پوائنٽ به ڏنو ويو آهي.
ايڊن گارڊن ۾ ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز خلاف کيڏيل ميچ دوران پيش آيل واقعي کانپوءِ اهو قدم کنيو ويو.
ميچ ريفري راجيو سيٿ هاردڪ پانڊيا کي ڪرڪيٽ سامان جي غلط استعمال سان لاڳاپيل ليول ون جي خلاف ورزي جو ڏوهه قرار ڏنو.
رپورٽ موجب آل رائونڊر ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ ڪريز تي واپسي دوران بيل کي مارايو، جيڪو آءِ پي ايل جي ضابطن جي آرٽيڪل 2.2 جي ڀڃڪڙي آهي.
ممبئي انڊينز جي ڪپتان هاردڪ پانڊيا تي سندس ميچ فيس جو 10 سيڪڙو ڏنڊ لڳايو ويو آهي ۽ ايڊن گارڊن ۾ ڪولڪتا نائيٽ رائڊرز خلاف ايم آءِ جي مقابلي دوران IPL ضابطه اخلاق جي ليول 1 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي هڪ ڊيمرٽ پوائنٽ ڏنو ويو آهي. آل رائونڊر تي آرٽيڪل 2.2 جي ڀڃڪڙي جو ڏوهه ثابت ٿيو،… pic.twitter.com/7Xu0dI7GIT
– IndiaToday (@IndiaToday) 21 مئي 2026
هاردڪ پانڊيا پنهنجي غلطي کي تسليم ڪيو ۽ ميچ ريفري جي سزا کي قبول ڪيو.
آءِ پي ايل جي ضابطن موجب ليول ون جي خلاف ورزي تي ميچ ريفري جو فيصلو حتمي هوندو آهي ۽ ان خلاف اپيل نه ٿي ڪري سگهجي.
واضح رهي ته هاردڪ پانڊيا پنهنجي جارحاڻي قيادت ۽ جذباتي انداز جي ڪري مشهور آهي پر ان واقعي کانپوءِ سندس رويي تي سوال اٿاريا ويا آهن.


