آمريڪي رياست الاباما ۾ 22 ورهين جي ويٽني هارلو رابسن کي ٻه مهينا اڳ بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو ۽ پوليس ان انڌي قتل ۾ ڀرپور ڪوششن باوجود قاتل جو پتو لڳائي نه سگهي هئي.
آمريڪي ميڊيا موجب وائيٽني رابسن جو لاش 7 مارچ تي هڪ رهائشي گهر مان مليو هو، جنهن کي ويجهو کان گوليون لڳيون هيون، پر شروعاتي جاچ ۾ واقعي کي فائرنگ جو حادثو قرار ڏنو ويو آهي.
بعد ۾ پوليس کي ڪجهه شڪي ۽ حيران ڪندڙ ثبوت مليا، جن جي تصديق لاءِ فرانزڪ ليب حوالي ڪيو ويو ۽ ان مان حاصل ڪيل معلومات جي بنياد تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو.
الاباما پوليس جو چوڻ آهي ته تفصيلي جاچ، شاهدن جي بيانن، فرانزڪ رپورٽن ۽ ٻين ثبوتن مان پڌرو ٿيو ته قاتل هڪ ويجهو مائٽ هو ۽ سمورا شڪ ڇوڪري جي بواءِ فرينڊ جي پيءُ ڏانهن هئا.
54 سالن جي جيفري سکاٽ ٽاورز کي حراست ۾ ورتو ويو ۽ بعد ۾ جيفرسن ڪائونٽي جيل منتقل ڪيو ويو، جتي هن کي 30,000 ڊالر جي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو.
ملزم جي وڪيلن جو چوڻ آهي ته جيفري ٽاورز جو ڪوبه جرمي رڪارڊ ناهي ۽ هن جي خلاف الزامن کي رد ڪري ٿو. عدالت ۾ سموريون حقيقتون پيش ڪيون وينديون.
پوليس جو اهو به چوڻ آهي ته ڪيس جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ واقعي بابت اضافي ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن. ڪيس جي ٻڌڻي 22 جولاءِ تي ٿيندي.
Whitney Robson مئي 2025 ۾ گريجوئيشن ڪئي انٽيريئر ڊيزائن ۾ ڊگري حاصل ڪئي ۽ تازو ئي هڪ فرنيچر ۽ ڊيزائن ڪمپني ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.


