جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته مهانگائي خلاف اسان جي تحريڪ شروع ٿي چڪي آهي، جلد هڙتال جو سڏ ڏينداسين، سڄي ملڪ ۾ شٽر ڊائون هوندو. اسلام آباد ۾ مهانگائي خلاف احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندي امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان چيو ته جيڪي چوندا هئا ته پيٽرول ۽ بجلي مهانگي ٿيڻ تي ماڻهو ٻاهر نه نڪرندا آهن، اهي عوام کي ڏسن، اسان جي وڏي تحريڪ اڄ کان شروع ٿي وئي آهي. هن چيو ته عوام حڪومت جي سمورن عوام دشمن قدمن خلاف ٻاهر نڪري آيو آهي. جيڪڏهن حڪومت پنهنجو رويو نه بدلايو ته عوام ٻاهر نڪرندو. حافظ نعيم الرحمان چيو ته 3400 ارب رپيا آءِ پي پيز مافيا کي ڏنا ويا، عوام جو رت نچوڙي گڏ ڪيل پئسو چند هٿن کي ڏنو ويندو آهي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي آءِ پي پيز مافيا کي مضبوط ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ غريب ماڻهو موٽر سائيڪل هلائين ٿا، رڳو هن سال موٽرسائيڪل سوارن کان 1200 ارب رپيا گڏ ٿيا. امير جماعت اسلامي چيو ته هو جلد هڙتال جو سڏ ڏينداسين، سڄي ملڪ ۾ هڪ به بازار نه کليل هوندي ۽ مڪمل شٽر ڊائون هوندو.
Source link

امير جماعت اسلامي جلد هڙتال جو سڏ ڏيندو، سڄي ملڪ ۾ شٽر بند هڙتال جو اعلان
Leave a Comment Leave a Comment

