آءِ ايم ايف جو دٻاءُ، بجيٽ ۾ 860 ارب جو اضافي ٽيڪس، پيٽرول ڊيزل تي سبسڊي روڪڻ جو فيصلو

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


اسلام آباد:

ايندڙ مالي سال 27-2026 لاءِ وفاقي بجيٽ جو ڪل حجم 17 هزار ارب رپين کان وڌيڪ رکڻ جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف کي ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ 860 ارب رپين جا اضافي ٽيڪس قدم کڻڻ جو يقين ڏياريو ويو آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف جي دٻاءُ تحت پيٽرول ۽ ڊيزل تي سبسڊي ختم ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف تجويز ڏني آهي ته جي ايس ٽي تحت اضافي 2 هزار ارب رپيا گڏ ڪيا وڃن.

ذريعن موجب ايندڙ مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ ٽيڪس وصولي جو هدف 7 هزار ارب رپيا ۽ جون 2027ع تائين 15 هزار 267 ارب رپيا رکڻ جو امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ عوام تي 430 ارب جو اضافي بار وجهڻ جو امڪان آهي. 215 ارب رپيا اضافي ٽيڪسن ذريعي ۽ باقي 215 ارب رپيا آڊٽ ۽ سخت نگراني ذريعي گڏ ڪيا ويندا. چارئي صوبا 430 ارب جا نوان ٽيڪس به لڳائيندا.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 1727 ارب رپيا گڏ ڪيا ويندا، جيڪو هلندڙ مالي سال جي ڀيٽ ۾ 260 ارب رپيا وڌيڪ آهي. هڪ شعبي کي رليف ڏيڻ لاءِ ٻين شعبن تي بار وڌو ويندو.

آءِ ايم ايف سان واعدو ڪرڻ باوجود حڪومت زرعي آمدني تي ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. معيشت ۾ زرعي شعبي جو حصو لڳ ڀڳ 25 سيڪڙو آهي ۽ ٽيڪس جمع صرف 0.3 سيڪڙو آهي.

ان کان علاوه هڪ رپورٽ موجب وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف کي سرڪاري ادارن جي نجڪاري کي تيز ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي ۽ 2035 تائين اسپيشل اڪنامڪ زونز لاءِ ٽيڪس مراعات ختم ڪرڻ جو پلان به شيئر ڪيو آهي.

ذريعن موجب ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي نجڪاري ممڪن نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڪجهه ڪمپنين کي ضم ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي.

حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته 2027ع جي شروعات ۾ اسڪو، گيپکو ۽ فيسڪو جا 51 کان 100 سيڪڙو شيئر وڪرو ڪيا ويندا.

انتظامي ڪنٽرول به خانگي شعبي ڏانهن منتقل ڪيو ويندو. 27 سرڪاري ادارن جي نجڪاري تي اڳڀرائي جاري آهي. روزويلٽ هوٽل لاءِ نئين مالياتي صلاحڪار جي مقرري ۾ پڻ دير ٿي وئي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment