پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر محمد عباس پروفيشنل ڪرڪيٽ ۾ 1000 وڪيٽون حاصل ڪرڻ جو تاريخي سنگ ميل عبور ڪري ورتو. بنگلاديش جي دوري دوران سلهٽ ٽيسٽ ۾ هڪ ٻيو وڏو اعزاز حاصل ڪيو. سلهٽ ۾ جاري ٽيسٽ ميچ جي پهرين ڏينهن محمد عباس پنهنجي پروفيشنل ڪيريئر جي هڪ هزار هين وڪيٽ مڪمل ڪري ورتي. هن سنگ ميل سان گڏ هن هڪ ٻيو منفرد اعزاز به حاصل ڪيو، اها به سندس 100هين اوور سيز وڪيٽ آهي. مختلف فارميٽ ۾ محمد عباس جي شاندار ڪارڪردگي برقرار آهي. فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ سندس وڪيٽن جو انگ 884 ٿي ويو آهي، جڏهن ته هن لسٽ اي ڪرڪيٽ ۾ 84 ۽ ٽي 20 فارميٽ ۾ 32 وڪيٽون ورتيون آهن. واضح رهي ته ان کان اڳ به محمد عباس ڍاڪا ٽيسٽ ۾ شاندار بالنگ ڪندي 6 وڪيٽون ورتيون هيون، جنهن کانپوءِ هن بهترين ٽيسٽ بالنگ ايوريج تي پاڪستاني ليجنڊز وسيم اڪرم ۽ وقار يونس کي پوئتي ڇڏي ڏنو هو.
Source link

پاڪستاني فاسٽ بالر محمد عباس 1000 وڪيٽون وٺڻ جو تاريخي سنگ ميل عبور ڪري ورتو
Leave a Comment Leave a Comment

