ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ پوليس مقابلن ۾ 2 جوابدارن سميت 3 جوابدار گرفتار

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

شهر قائد جي مختلف علائقن ۾ پوليس ڪارروايون ڪري مبينا مقابلي بعد 2 جوابدارن سميت 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدارن جي قبضي مان هٿيار، روڪ رقم، موبائل فون ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.

پوليس موجب مومن آباد ٿاڻي جي حد ۾ اورنگي ٽائون بسم الله ڪالوني ۾ شڪي ڏوهارين جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي.

گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ فضل خالق طور ٿي آهي، جنهن کي طبي امداد لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي قبضي مان هٿيار، روڪ رقم ۽ موبائل فون هٿ ڪيا ويا آهن.

ٻئي طرف درخشاں پوليس اربي محلا ۾ مبينا مقابلي بعد 2 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪري ورتو، هڪ زخمي.

پوليس موجب، زخمي جوابدار راشد کي علاج لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ٻئي گرفتار جوابدار عمر کي پوليس ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هٿيار، ڦر ٿيل موبائل فون، روڪ رقم ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جوابدارن کان ڪرمنل رڪارڊ بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment