ڪراچي سپر هاءِ وي تي بي قابو ٽريلر پوليس موبائيل تي ڪري پيو، 2 اهلڪار شهيد

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

شهر قائد ۾ سپر هاءِ وي تي چکوال پمپ ويجهو خوفناڪ ٽريفڪ تيز رفتار ٽرالر پوليس موبائيل مٿان ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.

ايڌي عملدارن موجب حادثو ايترو ته شديد هو جو پوليس موبائيل مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي جڏهن ته ٻه اهلڪار موقعي تي ئي فوت ٿي ويا.

واقعي بعد سپر هاءِ وي تي ٽريفڪ جي رواني پڻ سخت متاثر ٿي وئي.

واقعي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو اداري ۽ پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي فوتي اهلڪارن جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا.

جتان مارجي ويل اهلڪار جو لاش گڊاپ سٽي ٿاڻي منتقل ڪيو ويو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment