شهدادپور:
شاهپور چاڪر ڦاٽڪ وٽ تيز رفتار بزنس ڪلاس ٽرين مزدا گاڏي کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.
اکين ڏٺن شاهدن موجب ڦاٽڪ کليل هو ۽ مزدا ڊرائيور ريلوي ٽريڪ پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته اوچتو ڪراچي کان پنجاب ويندڙ بزنس ڪلاس ٽرين اچي بيهي ۽ گاڏي کي ٽڪر هنيو. ٽڪر ايترو ته زوردار هو جو مزدا گاڏي کي سخت نقصان پهتو.
حادثي وقت گاڏي ۾ سوار هڪ ٻئي شخص معجزاڻي طور تي بروقت ٽپو ڏئي پنهنجي جان بچائي ورتي، جڏهن ته حادثي کانپوءِ علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي ريلوي پوليس ۽ امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي فوتي ڊرائيور جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال پهچايو.
ريلوي پوليس موجب فوتين جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي، جڏهن ته حادثي جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.


