ڪراچي:
شهر قائد جي علائقي سر سيد ۾ گهر کي باهه لڳڻ جي افسوسناڪ واقعي ۾ سڙي زخمي ٿيل عورت پڻ علاج دوران حياتي وڃائي ويٺي.
پوليس موجب فوتي عورت جي سڃاڻپ شائستا طور ٿي آهي، جيڪا باهه لڳڻ جي واقعي ۾ سخت سڙي وئي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر هوءَ بچي نه سگهي.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ساڳئي واقعي ۾ عورت جو مڙس به سڙي فوت ٿي ويو.


