اسلام آباد:
گهرو وزارت گذريل 5 سالن دوران خليجي ملڪن مان بيدخل پاڪستانين جا تفصيل قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا.
سرڪاري دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته گذريل 5 سالن دوران خليجي ملڪن مان 164 هزار 788 پاڪستانين کي نيڪالي ڏني وئي، پنجن سالن ۾ 1 لک 8 هزار 29 پاڪستانين کي سعودي عرب مان نيڪالي ڏني وئي.
اهڙي طرح گڏيل عرب امارات مان 40 هزار 497 پاڪستانين، عمان مان 9 هزار 814 پاڪستانين، قطر مان 2 هزار 971 پاڪستانين، بحرين مان 2 هزار 779 پاڪستانين ۽ ڪويت مان 698 پاڪستانين کي نيڪالي ڏني وئي.
ٽن سالن دوران 7 خليجي ملڪن مان پاڪستاني مزدورن جون 9233 شڪايتون مليون
ان حوالي سان هڪ سرڪاري دستاويز قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ٽن سالن ۾ 7 خليجي ملڪن مان پاڪستاني مزدورن جون 9233 شڪايتون مليون، 5321 پاڪستاني مزدورن جون شڪايتون رڳو سعودي عرب مان مليون.
سرڪاري دستاويز موجب ٻئي نمبر تي گڏيل عرب امارات آهي جتان 1310 پاڪستانين جون شڪايتون مليون.
اهڙي طرح قطر مان 677 پاڪستانين، عمان مان 404 پاڪستانين، ڪويت مان 539 پاڪستانين، بحرين مان 850 پاڪستانين، عراق مان 132 پاڪستانين جون شڪايتون مليون آهن.


