ايف آءِ اي جي ڪارروائي، جعلي دستاويز تيار ڪندڙ جوابدار گرفتار

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ايف آءِ اي اينٽي هيومن اسمگلنگ سرڪل غير قانوني ٽريول ايجنسي خلاف ڪارروائي ڪندي جعلي دستاويز تيار ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

ايف آءِ اي ترجمان موجب اينٽي هيومن اسمگلنگ سرڪل ڪراچي صدر ڪراچي ۾ قائم غير قانوني ٽريول ايجنسي ميسرز گولڊ ٽريول اينڊ ٽورز تي ڇاپو هنيو جڏهن ته انساني اسمگلنگ ۽ ويزا فراڊ خلاف ڪارروائي ڪئي وئي.

ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران جوابدار محمد رشيد کي گرفتار ڪيو ويو.

ڇاپي دوران 56 پاڪستاني پاسپورٽ، جعلي ۽ شڪي ربر اسٽيمپ، شڪي جعلي بئنڪ دستاويز ۽ اهم ڊجيٽل ثبوت هٿ ڪيا ويا.

شروعاتي جاچ موجب جوابدار پنهنجي ساٿين سان گڏجي وڏي رقم تي چيني بزنس ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ جعلي بئنڪ اسٽيٽمينٽ، گارنٽي ليٽر ۽ ٻيا جعلي دستاويز تيار ڪندو هو.

جوابدارن خلاف لاڳاپيل ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نيٽ ورڪ ۾ ملوث ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

ايف آءِ اي انساني اسمگلنگ، ويزا فراڊ ۽ جعلي دستاويزن جي ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري رکندي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment