اسلام آباد:
آءِ ايم ايف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته سيلز ٽيڪس ۾ سموريون استثنيٰ ختم ڪئي وڃي.
عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ۽ ايف بي آر وچ ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي ڳالهيون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف مشن پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته سيلز ٽيڪس ۾ سمورا استثنٰي ۽ استثنيٰ ختم ڪئي وڃي. ان حوالي سان تفصيلي ڳالهيون اڄ ٿينديون.
آءِ ايم ايف مشن ۽ ايف بي آر عملدارن وچ ۾ اڄ ٽي اهم ملاقاتون ٿي رهيون آهن، جنهن ۾ ٽيڪس گڏ ڪرڻ، نئين روينيو ۽ ايندڙ مالي سال جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويندو. آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال لاءِ 15 هزار 264 ارب رپين جي ٽيڪس هدف تي زور ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته ايف بي آر ان هدف کي گهٽائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف لاڳو قدمن ذريعي 778 ارب رپين جي اضافي وصولي جو به مطالبو ڪيو آهي. ذريعن موجب ايندڙ بجيٽ ۾ 430 ارب رپين جا نوان ٽيڪس قدم غور هيٺ آهن، جنهن تي ايف بي آر جا عملدار آءِ ايم ايف مشن کي ٽيڪس هدفن ۽ روينيو سان لاڳاپيل معاملن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ تفصيلي بريفنگ ڏيندا.
ان کان علاوه ايف بي آر ۽ آءِ ايم ايف ٽيڪس جو هدف جي ڊي پي جي 11.2 سيڪڙو تي رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
ٻئي طرف آءِ ايم ايف سيلز ٽيڪس جي موجوده شرح کي 22.8 سيڪڙو کان گهٽائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز به ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته سمورا استثنٰي ختم ڪرڻ جو مطالبو به برقرار رکيو ويو آهي.


