بنگلاديش جي هٿان هڪ ٻي وائيٽ واش کانپوءِ شان مسعود وڌندڙ دٻاءُ ۽ تنقيد کانپوءِ استعيفيٰ جو اعلان ڪري سگهي ٿو.
ذريعن موجب شان مسعود وطن واپسي تي چيئرمين پي سي بي محسن نقوي سان ملاقات ۾ ڪپتاني تان استعيفيٰ جي آڇ ڪندو.
شان مسعود جي مستقبل بابت حتمي فيصلو بورڊ چيئرمين جي صوابديد تي هوندو.
شان مسعود کي 2023ع ۾ ڪپتان مقرر ڪيو ويو هو، سندس قيادت ۾ پاڪستان 16 مان 12 ٽيسٽ ميچون هارائي چڪو آهي، جنهن کانپوءِ سندس مٿي تي استعيفيٰ يا قيادت تان هٽائڻ جي تلوار لٽڪيل آهي.
ٻئي طرف سهيل ٽيسٽ ۾ شڪست کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي شان مسعود چيو ته ناڪامين تي اسان سڀني کي ڏک آهي، اسان قوم جي جذبن کي سمجهون ٿا ۽ اميدن موجب سٺا نتيجا نه ڏيڻ تي معذرت ڪريون ٿا.
هن چيو ته اسان کي ڏسڻو آهي ته پاڪستان جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ڪنهن به انفرادي ڪارڪردگي کي نشانو بڻائڻ کانسواءِ ڪيئن بهتر ٿي سگهي ٿي. ٽيم جي سليڪشن ۾ به اهي ئي فيصلا ڪيا ويندا آهن، جن کي هرڪو پاڪستان جي حق ۾ بهتر سمجهي ٿو.
هن ڪپتاني ڇڏڻ بابت بار بار پڇيل سوالن تي گهڻو ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو، پر واضح ڪيو ته منهنجو ارادو صاف آهي، نه رڳو ڪپتان جي ڪرسي تي ويهڻ، پر ڪنهن به ڪردار ۾ پاڪستاني ٽيسٽ ٽيم جو گراف مٿي ڏسڻ چاهيان ٿو.
شان مسعود چيو ته پاڪستان کي وڌيڪ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏڻو پوندو، ٽيسٽ ميچن ۾ واپسي ۽ فتح حاصل ڪرڻ جا موقعا مليا پر انهن مان فائدو نه کڻي سگهيا.
ڪپتان اهو به چيو ته اسان غلطيون ڪيون ۽ بنگلاديش سٺي ڪرڪيٽ کيڏي.
ياد رهي ته پاڪستاني ٽيسٽ ٽيم کي هاڻي جولاءِ ۾ انگلينڊ جو دورو ڪرڻو آهي، جتي ٽن ميچن جي سيريز شيڊول آهي.


