اسلام آباد:
پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي وچ ۾ ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ جي هدفن تي جاري ڳالهين لاءِ آءِ ايم ايف مشن جي پاڪستان جو دورو ٻن ڏينهن تائين وڌايو ويو آهي.
ذريعن موجب حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڪيترن ئي نقطن تي اتفاق ٿي ويو آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف پيٽروليم ليوي جي هدف ۾ 18 سيڪڙو واڌ جي سفارش ڪئي آهي.
ذريعن موجب اجلاس ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته اسپيشل اڪنامڪ زونز لاءِ نوان ٽيڪس رعايتون نه ڏنيون وڃن، جڏهن ته اسپيشل اڪنامڪ اينڊ ٽيڪنالاجي زونز جون رعايتون 2035ع تائين ختم ڪيون وڃن.
صوبن کي 430 ارب رپيا اضافي روينيو گڏ ڪرڻ جو هدف ڏنو ويو آهي. آءِ ايم ايف اهو به مطالبو ڪيو آهي ته صوبا وفاق کي 2 کرب رپين جو سرپلس ڏين.
ذريعن موجب ڊسمبر 2026 تائين ايف بي آر جو ڇهن مهينن جو هدف 7022 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. ايندڙ مالي سال ۾ پاڪستان جي ٻاهرين مالي ضرورتن جو اندازو 21.2 بلين ڊالر آهي.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاڪستان کي 430 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز ڏني آهي. ايندڙ مالي سال ۾ معاشي ترقي جي شرح 3.5 سيڪڙو جڏهن ته سراسري مهانگائي 8.4 سيڪڙو رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) کي 14500 رپين مان وڌائي 18000 رپيا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.


