نيو ڪراچي ۾ موبائل فون جي دڪان ۾ لڳل باهه تي فائر برگيڊ عملو ضابطو آڻي ورتو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

شهر قائد جي علائقي نيو ڪراچي سنڌي هوٽل بڪرا پيڊ ڀرسان موبائيل فون جي دڪان ۾ باهه لڳي وئي، جنهن تي فائر برگيڊ بروقت ڪارروائي ڪري قابو ڪري ورتو.

تفصيل موجب دڪان ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن بعد علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي.

اطلاع ملندي ئي فائر برگيڊ جي گاڏي موقعي تي پهچي باهه تي ضابطو آڻڻ شروع ڪيو.

فائر برگيڊ عملي وڏي جدوجهد کانپوءِ باهه تي ضابطو آندو، جنهن بعد وڌيڪ پکڙجڻ کي روڪيو ويو.

شروعاتي طور تي باهه لڳڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي پر لاڳاپيل اختيارين طرفان صورتحال جو جائزو ورتو پيو وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment