ايران جي دعويٰ، 24 ڪلاڪن ۾ آبنائے هرمز مان 26 جهازن جي آمد

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


انقلابي گارڊز دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران آبنائے هرمز مان 26 جهازن جو گذر سندن نگراني ۽ اجازت سان مڪمل ڪيو ويو.

ايراني خبر رساں ايجنسي موجب IRGC چيو آهي ته آبنائي هرمز مان گذرندڙ سمورا جهاز ايراني بحريه کان رابطي ۽ اجازت وٺڻ کانپوءِ ئي روانا ٿي رهيا آهن.

ايران جي گلف اسٽريٽ اٿارٽي هڪ نئون بحري نقشو پڻ جاري ڪيو آهي جنهن ۾ آبنائے هرمز جي ڪجهه علائقن کي ’ڪنٽرولڊ ميري ٽائيم زون‘ قرار ڏنو ويو آهي. ان موجب ڪنهن به جهاز کي ايران جي اجازت کانسواءِ انهن علائقن مان گذرڻ جي اجازت نه هوندي.

رپورٽن مطابق، هي ڪنٽرول زون ايران ۾ جبل مبارک جي علائقي کان فجيره جي ڏکڻ ۽ قشم ٻيٽ کان ام القوين تائين پکڙيل آهي.

ياد رهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل سان ڇڪتاڻ وڌڻ کانپوءِ ايران آبنائے هرمز ۾ سامونڊي ٽريفڪ کي محدود ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي جواب ۾ آمريڪا ايراني بندرگاهن تي سخت پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون هيون.

ماهرن موجب، دنيا جي توانائي جي برآمدات جو تقريبا 20 سيڪڙو هرمز جي آبنائي مان گذري ٿو، تنهنڪري عالمي تيل ۽ توانائي مارڪيٽ هن اهم لنگهه جي رڪاوٽ سبب سخت دٻاء هيٺ آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment