ايف آءِ ايڇ پرو ليگ لاءِ 20 رڪني قومي هاڪي اسڪواڊ جو اعلان

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



پاڪستان هاڪي فيڊريشن ايف آءِ ايڇ پرو ليگ لاءِ 20 رڪني قومي هاڪي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، قومي ٽيم جي قيادت عماد شڪيل بٽ ڪندو. قومي اسڪواڊ کي اولمپئن اصلاح الدين ۽ حسن سردار جي نگراني ۾ فائنل ڪيو ويو. اسڪواڊ ۾ ٻه گول ڪيپر وقار ۽ علي رضا شامل آهن. دفاع ڪندڙن ۾ ابوبڪر، ارباز احمد، محمد عبدالله ۽ سفيان خان شامل آهن. مڊ فيلڊرز نديم خان، عماد شڪيل بٽ، معين شڪيل، حماد انجم ۽ ذڪريا حيات ٽيم جو حصو هوندا. اسٽرائڪرز ۾ غضنفر علي، محمد عماد، رانا وليد، عبدالرحمان ۽ افراز خان شامل آهن جڏهن ته رانا وحيد، احمد نديم، ارشد لياقت ۽ حنان شاهد به قومي ٽيم جي نمائندگي ڪندا. وزيراعظم جي هدايتن تي رانديگرن کي هڪ سئو 10 ڊالر روزاني الائونس اڳواٽ ادا ڪيو ويندو. پرو ليگ جون ميچون بيلجيم ۽ انگلينڊ ۾ کيڏيون وينديون.



Source link

Share This Article
Leave a Comment