ڪراچي جي علائقي مومن آباد ۾ پوليس 12 ڪلاڪن کان به گهٽ عرصي ۾ قتل جو راز حل ڪري 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي ويسٽ طارق الهه مستوئي جو چوڻ آهي ته جوابدارن ڪجهه ڪلاڪ اڳ فريد ڪالوني ۾ فائرنگ ڪري فهد پٽ ظهير عباس کي قتل ڪيو هو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته اطلاع ملندي ئي واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو ويو ۽ شروعاتي اطلاعن جي بنياد تي قتل ۾ ملوث 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. ايس ايس پي اولهه موجب گرفتار جوابدارن ۾ مقتول جي ٻي زال جو پيءُ ۽ ٻه سالا شامل آهن. گرفتار ٿيلن جي سڃاڻپ شبير حسين، حاجي محمد ۽ خيال محمد طور ٿي آهي. پوليس موجب مقتول جي والد ظهير عباس جي فرياد تي ٽن جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
Source link

ڪراچي: مومن آباد پوليس 12 ڪلاڪن ۾ قتل جو راز حل ڪري ڇڏيو، 3 جوابدار گرفتار
Leave a Comment Leave a Comment

