آمريڪا جي نيشنل انٽيليجنس ڊائريڪٽر ۽ ٽرمپ جي ويجهي ساٿي تلسي گبارڊ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


آمريڪي نيشنل انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر تلسي گبارڊ اعلان ڪيو آهي ته هوءَ 30 جون 2026 تي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندي.

عالمي خابرو اداري موجب تلسي گبارڊ کي فيبروري 2025ع ۾ نيشنل انٽيليجنس جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو هو ۽ کيس 18 آمريڪي انٽيليجنس ايجنسين جي نگراني جي ذميواري سونپي وئي هئي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ويجهن ساٿين ۾ شمار ٿيندڙ تلسي گبارڊ جي دور ۾ پرڏيهي پاليسي خاص ڪري ايران جنگ بابت ڪيترائي تڪراري بحث به سامهون آيا آهن.

جيتوڻيڪ تلسي گبارڊ پنهنجي استعيفيٰ جو بنيادي سبب پنهنجي مڙس جي بيماري کي قرار ڏنو آهي، آمريڪي ميڊيا رپورٽن موجب سندس دور ۾ ڪيترائي اندروني اختلاف به سامهون آيا.

ڪجهه رپورٽن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته هوءَ صدر ٽرمپ جي ايران بابت فوجي پاليسين ۽ ڪجهه انٽيليجنس معاملن سان مڪمل طور تي مطابقت نه هئي.

اهو به ٻڌايو ويو آهي ته هوءَ موقعي تي انتظاميه جي جنگي موقف کان اختلاف ڪندي هئي، جنهن ڪري سندس پوزيشن ڪمزور ٿيندي هئي.

ڪجهه رپورٽن ۾ اها به دعويٰ ڪئي وئي آهي ته وائيٽ هائوس طرفان استعيفيٰ لاءِ دٻاءُ هو، پر ان ڳالهه جي سرڪاري طور تي تصديق نه ڪئي وئي آهي.

پنهنجي استعيفيٰ ۾ هن چيو ته هوءَ 30 جون 2026 تي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندي ڇو ته هاڻ هوءَ پنهنجي مڙس سان وقت گذارڻ ۽ سندس خيال رکڻ چاهي ٿي.

تلسي گبارڊ وڌيڪ چيو ته ”منهنجي مڙس کي منهنجي وڌيڪ ضرورت آهي، هن کي هڏن جي ڪينسر جي انتهائي نادر ۽ سنگين قسم جي تشخيص ٿي آهي.

پنهنجي استعيفيٰ واري خط ۾ ، تلسي گبارڊ صدر ٽرمپ جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ”آئون شڪرگذار آهيان ان موقعي ۽ اعتماد لاءِ جيڪو مون کي گذريل ساڍي سالن کان نيشنل انٽيليجنس جي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment