مودي جي ناڪام پاليسين خلاف سوشل ميڊيا کان شروع ٿيندڙ جنتا پارٽي جي مقبوليت ۽ طاقت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي.
الجزيره موجب، ڪاڪروچ جنتا پارٽي اعلان ڪيو آهي ته اها تعليم واري وزير ڌرميندر پراڻ جي استعيفيٰ تائين نئين دهلي ۾ پنهنجو ڌرڻو جاري رکندي. نئين دهلي جي جون جي سخت گرمي ۾ درجنين احتجاج ڪندڙن رات گهٽين ۽ فوٽ پاٿن تي سمهي گذاري.
CJP جو باني، Abhijit Deepke، نوجوانن جي مسئلن تي آن لائن شروع ٿيندڙ احتجاج کي روڊن تي وٺي ويو آهي. الجزيره موجب امتحاني پيپرز جي بار بار ليڪ ٿيڻ ۽ وڌندڙ بيروزگاري ڀارتي نوجوانن ۾ سخت ڪاوڙ پيدا ڪري ڇڏي آهي.
ڀارتي اخبار انڊيا ٽوڊا جي رپورٽ موجب ابجيت ديپڪ امتحانن ۾ بي ضابطگين خلاف احتجاج ڪندي هارين کي به سندن حمايت جي اپيل ڪئي. ابجيت ديپڪي چيو ته جڏهن هاري پنهنجن حقن لاءِ وڙهندا هئا ته شاگردن سندن ساٿ ڏنو هو، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته هاري سندن حمايت ڪن.
بين الاقوامي جرنل سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ جي تجزيي موجب، جين زي احتجاج سريلنڪا، بنگلاديش ۽ نيپال جي خطن تي هندستاني نوجوانن ۾ وڏي پئماني تي پريشاني جي خلاف هڪ تحريڪ جي شروعات آهي.
کاکروچ جنتا پارٽي تحريڪ هندستاني نوجوانن جي مسئلن کي اجاگر ڪندي بي جي پي حڪومت جي نااهلي کي بي نقاب ڪيو.


