ايران جنگ سبب آمريڪا جا ميزائل ذخيرا گهٽجي ويا، پينٽاگون 10 هزار ميزائل خريد ڪري ورتا.

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


آمريڪي بچاءَ واري کاتي پينٽاگون اعلان ڪيو آهي ته ايران سان تازي ڇڪتاڻ ۽ جنگي صورتحال کانپوءِ پنهنجي ميزائل جي ذخيرن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ 10 هزار گهٽ قيمت وارا ميزائل خريد ڪرڻ جو معاهدو ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب پينٽاگون جو اهو فيصلو انهن رپورٽن کانپوءِ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ايران سان جنگ دوران آمريڪي ميزائل جو ذخيره تمام گهڻو ختم ٿي ويو هو ۽ ان کي بحال ٿيڻ ۾ سال لڳي سگهن ٿا.

پينٽاگون موجب مختلف دفاعي ڪمپنين سان گهٽ لاڳت واري ڪنٽينرائزڊ ميزائل پروگرام تحت معاهدا ڪيا ويا آهن.

دفاع واري کاتي موجب پروگرام جي شروعاتي مرحلي ۾ انهن ڪمپنين کان جون کان ٽيسٽ ميزائل خريد ڪيا ويندا ته جيئن انهن جي ڪارڪردگي ۽ صلاحيت جو اندازو لڳائي سگهجي.

ان کان علاوه، ڪاسٽلين سان هڪ الڳ ڊيل ڪيو ويو آهي جنهن تحت آمريڪا هر سال گهٽ ۾ گهٽ 500 بليڪ بيئر هائپرسونڪ ميزائل حاصل ڪندو.

دفاعي ماهرن موجب آمريڪا پنهنجي فوجي تيارين کي تيز ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ امڪاني ڇڪتاڻ لاءِ پنهنجي دفاعي صلاحيت وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي.

گذريل مهيني هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا کي پنهنجي ميزائل ذخيري کي جنگ کان اڳ واري سطح تي واپس ڪرڻ ۾ چار سال لڳي سگهن ٿا.

رپورٽن مطابق، آمريڪا هاڻي ڊگهي جنگ جي صورتحال ۾ دفاعي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاء گهٽ قيمت ۽ تيز ترقي يافته جديد ميزائل سسٽم تي ڀروسو ڪري رهيو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment