صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا آبنائے هرمز کي ”آزاد بين الاقوامي واٽر وي“ طور ڏسڻ چاهي ٿو ۽ اتي ڪنهن به ٽول يا فيس جي حمايت نه ڪندو.
وائيٽ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڊونلڊ ٽرمپ کان ايران جي آبنائے هرمز ۾ جهازن تي ممڪنه ٽول لاڳو ڪرڻ جي تجويز بابت پڇيو ويو ته هن محتاط جواب ڏنو ته معاملي جو جائزو وٺي رهيا آهيون.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو آبنائي هرمز کي هڪ آزاد ۽ محفوظ آبي گذرگاهه ڏسڻ چاهي ٿو جتي ڪو به ٽول نه لڳايو وڃي ۽ نه ڪا فيس ورتي وڃي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا جو هن وقت آبنائي هرمز تي مڪمل ڪنٽرول آهي ۽ آمريڪا جي بحري بندش 100 سيڪڙو اثرائتو ٿي چڪي آهي. هن فولادي ڀت کي ڪير به پار ڪري نه سگهيو.
ٻئي طرف ايران جي انقلابي گارڊ نيوي دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 31 جهاز آبنائے هرمز مان گذريا آهن.
ايراني عملدارن اڳ ۾ اشارو ڏنو آهي ته تهران انهن قدمن تي غور ڪري سگهي ٿو جهڙوڪ ٽول لاڳو ڪرڻ يا آبنائے هرمز ۾ شپنگ تي پابنديون جيڪڏهن آمريڪا ۽ ان جا اتحادي ايران تي دٻاءُ وڌندا رهيا.
ياد رهي ته آبنائي هرمز دنيا جي اهم سامونڊي لنگهن مان هڪ آهي، جنهن مان تيل جي عالمي واپار جو وڏو حصو گذرندو آهي.
اسرائيل ۽ آمريڪا جي حملن کان پوءِ ايران آبنائے هرمز بند ڪري ڇڏيو هو، جنهن سبب دنيا کي تيل ۽ گئس جي فراهمي بند ٿي وئي ۽ پيٽرول جي کوٽ پيدا ٿي وئي، جنهن سبب قيمتن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي.


