مودي جي ناڪام پرڏيهي پاليسي جي ابتڙ پاڪستان سفارتي محاذ تي عالمي ڌيان جو مرڪز آهي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


بي جي پي جي ڪٺ پتلي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي ناڪام پرڏيهي پاليسي جي ابتڙ پاڪستان سفارتي محاذ تي عالمي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي.

مودي جي ناقص پاليسين ۽ ناڪام سفارتڪاري ڀارت کي عالمي سطح تي غير موثر بڻائي ڇڏيو آهي.

ڀارتي جرنل دي ڪاروان موجب ايراني صدر جنگبندي کانپوءِ پاڪستان جو پهريون دورو ڪيو ۽ وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جو شڪريو ادا ڪيو، جڏهن ته آمريڪا به امن ڳالهين ۾ سهڪار لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.

دي ڪاروان موجب سوئٽزرلينڊ ۾ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو ته مونکي پاڪستان پسند آهي. ڀارت پنهنجي علائقائي حریف پاڪستان کي دنيا ۾ اڪيلو ڪرڻ جي هر ڪوشش ۾ ناڪام رهيو آهي. مودي جي ناڪام پرڏيهي پاليسي دوست ملڪن کي ناراض ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندس سفارتي اهميت ختم ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مودي حڪومت جي ان پاليسي جو هڪ اهم سبب هندو ازم ۽ صهيونزم جي وچ ۾ نظرياتي قربت هئي.

عالمي معاملن جي ماهرن موجب ايران ۽ آمريڪا طرفان امن ڳالهين ۾ پاڪستان جي ثالثي ڪردار کي تسليم ڪرڻ اسلام آباد جي وڌندڙ سفارتي اهميت جو مظهر آهي.

https://img.express.pk/media/videos/modi_failed_foreign_policy.mp4





Source link

Share This Article
Leave a Comment