آمريڪا-ايران معاهدي ۾ سڀ کان اهم ڪردار فيلڊ مارشل عاصم منير جو آهي. واشنگٽن پوسٽ

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ اعتراف ڪيو آهي ته پاڪستان جي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ امن معاهدي جي مسودي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ سڀ کان اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

واشنگٽن پوسٽ موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير آمريڪا، ايران ۽ نار جي ملڪن سان مسلسل رابطا برقرار رکيا ۽ ڌرين ۾ اعتماد جي فضا بحال ڪرڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو.

آمريڪي اخبار جي رپورٽ موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي گذريل ڏينهن ايران جي دوري سان امن معاهدي جي مسودي ۽ ڌرين وچ ۾ ٿيل معاهدي جي مڪمل ٿيڻ ۾ مدد ڪئي وئي.

واشنگٽن ٽائمز اها به دعويٰ ڪئي آهي ته معاهدي جي مسودي تي ڇنڇر جي صبح اهم اڳڀرائي ٿي هئي ۽ ڌرين مسودي تي اتفاق ڪيو، جنهن کانپوءِ سفارتي سرگرميون تيز ٿي ويون جڏهن ته فيلڊ مارشل عاصم منير ايران جي دوري تي هو.

ٻئي طرف هڪ ٻي آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز به فيلڊ مارشل عاصم منير جي ايران جي تازي دوري کي اعليٰ سطحي سفارتڪاري قرار ڏيندي لکيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ مفاهمت پيدا ڪرڻ ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪيو.

نيويارڪ ٽائمز موجب پاڪستاني قيادت خطي ۾ ممڪنه وڏي جنگ کي روڪڻ ۽ ڳالهين جي عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پٺڀرائي سفارتڪاري جو رستو اختيار ڪيو.

ڪالهه اڱاري ڏينهن آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته هو فيلڊ مارشل عاصم منير سان مسلسل رابطي ۾ آهي.

مارڪو روبيو اهو پڻ چيو ته پاڪستان مان هڪ اهم ۽ اعليٰ شخصيت ايران جو دورو ڪري رهيو آهي.

واضح رهي ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ايران جو دورو مڪمل ڪري ورتو آهي، جنهن کانپوءِ آمريڪي صدر پنهنجي قومي سلامتي ٽيم کي وائيٽ هائوس طلب ڪري ورتو آهي.

ان ملاقات دوران صدر ٽرمپ پاڪستان، سعودي عرب، قطر، گڏيل عرب امارات، ترڪي ۽ مصر سميت مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان ڪانفرنس ڪال پڻ ڪندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment