سون جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي؛ ڪجهه ڏينهن ۾ 38 هزار رپيا في تولو سستو ٿي ويو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي:

عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ سون جي قيمت ۾ اڄ وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ سون جي قيمت ۾ 38 هزار رپيا في تولو سستو ٿي ويو آهي.

سون ۽ چانديءَ جي قيمتن ۾ مسلسل گهٽتائي جو سبب عالمي سطح تي سون جي ذخيرن جي جاري وڪري ۽ رسد جي نسبت طلب ۾ گهٽتائي آهي.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جو في تولو اگهه 97 ڊالر 20 سينٽ جي گهٽتائي سان 4 هزار 102 ڊالرن جو ٿي ويو آهي، خميس تي مقامي بلين مارڪيٽ ۾ سون جو في تولو اگهه 9 هزار 720 رپين جي گهٽتائي سان 4 لک 32 هزار 716 رپيا رهيو.

هي خبر پڻ پڙهو: سون جي عالمي ۽ مقامي قيمتن ۾ ڪجهه ڏينهن جي وقفي کانپوءِ ٻيهر گهٽتائي ٿي آهي

اهڙي طرح مقامي سطح تي سون جي في 10 گرام جي قيمت 8 هزار 748 رپيا گهٽتائي سان 3 لک 69 هزار 422 رپيا ٿي وئي.

سون جي اگهن سان گڏوگڏ عالمي مارڪيٽ ۾ چاندي جو في اونس اگهه 40 سينٽ جي گهٽتائي سان 64 ڊالر 10 سينٽ جو ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ في تولو چاندي جو اگهه 40 رپيا گهٽجي 6 هزار 889 رپيا ۽ چاندي جي في 10 گرام جو اگهه 36 رپيا گهٽجي 5 هزار 857 رپيا ٿي ويو.

واضح رهي ته ڇنڇر 6 جون تي سون جي قيمت ۾ 12 هزار 489 رپيا في تولو گهٽتائي ٿي هئي، جنهن کانپوءِ سومر 8 جون تي سون جي قيمت ۾ 3 هزار 94 رپيا في تولا سستو ٿي ويو هو، سون جي قيمت ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي ۽ گذريل ڏينهن 10 جون تي سون جي قيمت ۾ 12 هزار 627 رپين جي وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي هئي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment