لاهور:
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وڏي آپريشن جي تياري ڪري ورتي آهي، ٽيسٽ ڪپتاني ۾ تبديلي تي غور ڪيو پيو وڃي، سلمان علي آغا جي جاءِ تي شان مسعود کي آڻڻ جو امڪان آهي، ڪوچنگ سيٽ اپ ۾ وڏي تبديلي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
تفصيل موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ انتظامي ۽ ٻين سطحن تي وڏين تبديلين جو قوی امڪان آهي. ذريعن موجب چيئرمين محسن نقوي جي صدارت هيٺ ڇنڇر تي اهم اجلاس ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن ۾ قومي ڪرڪيٽ جي نظام، اهم عهدن ۽ ٽيم جي معاملن تي اهم فيصلا ڪيا ويندا.
ذريعن موجب ٽيسٽ ٽيم جي قيادت ۾ تبديلي تي به غور ڪيو پيو وڃي، شان مسعود کي ذميوارين تان هٽائڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، سندس جاءِ تي آل رائونڊر سلمان علي آغا کي قيادت ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. اجلاس ۾ ان حوالي سان حتمي فيصلو متوقع آهي.
ياد رهي ته شان مسعود کي 2023 ۾ آسٽريليا جي دوري کان اڳ پاڪستاني ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان بڻايو ويو هو، سندس قيادت جي شروعات 3-0 جي شڪست سان ڪئي هئي. هن مجموعي طور تي هن وقت تائين 16 ٽيسٽ ميچن ۾ پاڪستاني ٽيم جي قيادت سنڀالي آهي.
اهڙي طرح ٽيم مئنيجمينٽ ۽ ڪوچنگ سيٽ اپ ۾ وڏي تبديلي جون خبرون آهن. اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد جي مستقبل تي غير يقيني صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، اڳوڻي ڪپتان يونس خان کي ٽيسٽ هيڊ ڪوچ بڻائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.
ان سان گڏ اڳوڻي ڪرڪيٽر محمد حفيظ کي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي ڊائريڪٽر جي اهم عهدي لاءِ غور ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب انهن امڪاني مقررين جو مقصد ٽيم سسٽم کي ٻيهر مضبوط ڪرڻ ۽ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ آهي.
سليڪشن ڪميٽي ۾ به تبديلين جو امڪان آهي، ٽيم جي موجوده ڪارڪردگي کي ڏسندي ڪجهه سليڪٽرن کي تبديل ڪرڻ جو خدشو ناهي، ڪرڪيٽ آپريشن سميت ٻين اهم انتظامي عهدن تي نون چهرن کي شامل ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي.


