حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل سستو ڪرڻ بعد گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل مهانگو ڪري ڇڏيو.
لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 1 رپيا 62 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، لائيٽ ڊيزل جي نئين قيمت 275 رپيا 54 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
گاسيءَ جي تيل جي قيمت ۾ هڪ رپيو 71 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، گاسيءَ جي تيل جي نئين قيمت 313 رپيا 44 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي هئي، پيٽروليم ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽروليم شين جا نوان اگهه 23 مئي 2026ع کان ايندڙ هڪ هفتي لاءِ لاڳو ڪيا ويندا.
حڪومت ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا 80 پئسا في ليٽر ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 6 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي آهي.
حڪومتي فيصلي کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 403 رپيا 78 پيسا ۽ ڊيزل جي قيمت 402 رپيا 78 پيسا ٿي ويندي.
ياد رهي ته حڪومت گذريل هفتي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي هئي جنهن کانپوءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ بالترتيب 409 رپيا 78 پئسا ۽ 409 رپيا 58 پيسا في ليٽر في ليٽر اگهه مقرر ڪيو ويو هو.
حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ پيٽرول 414 رپيا 78 پئسا في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 414 رپيا 58 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي.


