اسرائيل ۾ حڪومت تي تنقيد ڪندڙ استادن جي نگراني ۽ خاموشي جي حوالي سان وڏو انڪشاف سامهون آيو آهي.
اسرائيلي اخبار هارٽز پنهنجي تحقيقاتي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته تعليم واري وزارت اندر حڪومت مخالف خيالن جي استادن جي نگراني لاءِ هڪ ڳجهي نگراني يونٽ ڪم ڪري رهيو آهي.
رپورٽ موجب ڳجهي يونٽ استادن جي سوشل ميڊيا سرگرمين، احتجاج ۾ شرڪت ۽ سياسي بيانن جي مسلسل نگراني ڪري رهيو آهي.
جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت تي تنقيد ڪندڙ استادن کي به دٻاءُ، ڌمڪيون ۽ ممڪن ڪارروائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
هارٽز رپورٽ ڪري ٿو ته اهو ڪيس ڪجهه ماڻهن تائين محدود ناهي پر کاٻي ڌر ۽ عرب تعليمي ماهرن جي نگراني لاءِ هڪ وسيع ۽ منظم مهم جو حصو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ان عمل جو مقصد تعليمي ادارن ۾ حڪومتي پاليسين خلاف تنقيدي آوازن کي دٻائڻ ۽ اختلافن کي محدود ڪرڻ آهي.
جاچ رپورٽ ۾ وڌيڪ انڪشاف ڪيو ويو ته هي ڳجهو يونٽ تعليم واري وزارت جي بيوروڪريسي ۾ انتهائي رازداري سان ڪم ڪري رهيو هو جڏهن ته ان جا اڪثر معاملا عوام آڏو ظاهر نه ڪيا ويا هئا.
ان انڪشاف کانپوءِ اسرائيل ۾ اظهار جي آزادي، تعليمي ادارن جي خودمختياري ۽ انساني حقن بابت هڪ نئون بحث شروع ٿي ويو آهي. سياسي ۽ سماجي حلقن معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.


