ايران ٻن عورتن کي اسرائيل لاءِ جاسوسي ڪرڻ جي الزام ۾ مجموعي طور تي 53 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي.
عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ٻنهي عورتن جو تعلق سمنان صوبي سان آهي ۽ انهن تي اسرائيلي نيٽ ورڪن سان رابطن جو الزام هو.
ايراني اهلڪارن جو چوڻ آهي ته اهي عورتون دشمن عناصر کي وڊيوز، تصويرون ۽ حساس معلومات فراهم ڪري رهيون هيون جيڪي ايران جي قومي سلامتي ۽ مفادن لاءِ نقصانڪار آهن.
عدالت هڪ عورت کي 26 سال ۽ ٻي کي 27 سال قيد جي سزا ٻڌائي. جوابدارن کي سموريون قانوني سهولتون ڏنيون ويون.
ايراني اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ثبوتن جي بنياد تي ڪئي وئي، پر وڌيڪ تفصيل جاري نه ڪيا.
ياد رهي ته ايران ۾ تازو حڪومت مخالف مظاهرن کانپوءِ ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو هو، جن مان ڪجهه کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
اسرائيل ۽ آمريڪا جي حملن کان وٺي ايران ۾ سيڪيورٽي ڪارروايون جاري آهن ۽ ڪيترن ئي مقامي ماڻهن کي اسرائيل لاءِ جاسوسي جي الزام ۾ حراست ۾ ورتو ويو آهي.


