وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اقتصادي ڀائيواري ٻنهي ملڪن جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي.
چين جي شهر هانگزو ۾ بي 2 بي سيڙپڪاري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان وٽ معدنيات، زراعت، آءِ ٽي ۽ سياحت جي شعبن ۾ بيشمار موقعا آهن، جن مان سڄي دنيا جا سيڙپڪار فائدو وٺي سگهن ٿا.
هن چيو ته صدر شي جن پنگ جي قيادت چين جي ترقي ۽ ڪاميابي جو روشن مثال آهي. چين جي تجربن مان رهنمائي وٺي پاڪستان جي معيشت کي مضبوط ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري ۽ صنعتي ترقي جي نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي.
وزيراعظم چيني سيڙپڪارن کي زراعت، آئي ٽي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس، اسپيشل اڪنامڪ زونز ۽ مائننگ ۽ منرل جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪارن کي ريڊ ڪارپيٽ ۽ ون ونڊو جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. پاڪستان ۽ چين کي جلد اقتصادي تعاون ۾ نوان سنگ ميل حاصل ڪرڻ گهرجن.
محمد شهباز شريف چيو ته چين هر سال 100 ارب ڊالرن جون زرعي شيون درآمد ڪري ٿو، جڏهن ته پاڪستان اعليٰ معيار جي زرعي شين جي برآمد جي صلاحيت رکي ٿو.
هانگزو ۾ منعقد ٿيل پاڪستان-چين آئي سي ٽي، ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ زرعي B2B ڪانفرنس ٻنهي ڀائرن ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون، جديد ٽيڪنالاجي ۽ گڏيل ترقي جي عڪاسي آهي. ڪانفرنس ۾ 463 چيني ۽ 200 پاڪستاني ڪمپنين شرڪت ڪئي.
وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم هنگزو ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام، بيٽري انرجي اسٽوريج سسٽم ۽ زراعت جي شعبن ۾ منعقد ٿيندڙ پاڪستان چائنا بزنس ٽو بزنس انويسٽمينٽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي.
ڪانفرنس ۾ پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين وچ ۾ تعاون ۽ سيڙپڪاري جا معاهدا ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون وينديون.
وزيراعظم ڪانفرنس کي خطاب پڻ ڪندو. وزيراعظم هانگزو ۾ چيني ڪمپنين جي سربراهن سان ملاقات ڪندو.
وزيراعظم علي بابا ڪمپني جي هيڊ ڪوارٽر جو به دورو ڪندو، جنهن دوران علي بابا ۽ پاڪستان حڪومت وچ ۾ تعاون جي معاهدن تي صحيحون ڪيون وينديون.
وزيراعظم جي بيجنگ آمد
هوڏانهن وزيراعظم هانگزو جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد بيجنگ پهچي ويو.


