چين ڪاميابيءَ سان پنهنجو نئون انساني خلائي مشن Shenzhou-23 ڪالهه شروع ڪيو، ٽن خلابازن سان گڏ ٽيانگونگ اسپيس اسٽيشن تي پهچي ويا.
تفصيل موجب 203 فوٽ ڊگهو لانگ مارچ 2 ايف راڪيٽ مقامي وقت موجب رات 11 لڳي 8 منٽن تي گوبي ريگستان ۾ جيوڪوان سيٽلائيٽ لانچ سينٽر کان اڏام ڪيو.
مشن ۾ ڪمانڊر ژو ينگ زو، ژانگ زيوان ۽ لائي ڪا ينگ شامل آهن، لائي ڪا ينگ خلا ۾ وڃڻ لاءِ هانگ ڪانگ کان پهريون خلاباز بڻجي ويو.
خلائي اسٽيشن تي پهچندڙ ٽن خلابازن اتي اڳ ئي موجود پنهنجن ساٿين سان ملاقات ڪئي، جنهن کانپوءِ مدار ۾ عملو تبديل ڪرڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي.
شينزو 23 مشن تحت ٽي خلاباز ٽيانگونگ اسپيس اسٽيشن تي لڳ ڀڳ ڇهن مهينن تائين رهندا، پر هن مشن جي سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته اهو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ خلاباز کي هڪ سال تائين خلا ۾ رهڻ جو موقعو ڏئي رهيو آهي.
چيني خلائي عملدارن موجب هي ڊگهي مدي واري مشن کي ايندڙ شنزو 24 مشن سان ڳنڍيو ويو آهي، جنهن تحت هڪ پاڪستاني خلاباز کي به ٿوري عرصي لاءِ ٽيانگونگ موڪليو ويندو.


