ايران ڊيل تي رڳو سٺيون خبرون اينديون، مان خراب معاهدو نه ڪندس: ٽرمپ دعويٰ

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان آمريڪا جو تجويز ڪيل معاهدو اڃا حتمي ناهي ٿيو پر ان حوالي سان رڳو سٺيون خبرون سامهون اينديون، ڇاڪاڻ ته هو ’خراب ڊيل‘ نه ڪندو.

آمريڪي ٽي وي چينل اي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران سان ممڪن معاهدو اڳوڻي آمريڪي صدر بارڪ اوباما جي معاهدي کان بلڪل مختلف هوندو.

ٽرمپ جو چوڻ هو ته اڃا تائين ڪنهن به ڊيل جا تفصيل نه ڏٺا آهن ۽ عوام کي خبر ناهي ته ان ۾ ڇا شامل آهي ان ڪري انهن ماڻهن تي ڌيان نه ڏيو جيڪي مڪمل معلومات کانسواءِ تنقيد ڪري رهيا آهن.

آمريڪي صدر چيو ته سندس اڳيان جيڪا قيادت آئي، ان کي ڪيترائي سال اڳ اهو مسئلو حل ڪرڻ گهرجي ها. هن چيو ته ايران سان ڳالهيون منظم ۽ تعميري انداز ۾ جاري آهن ۽ معاهدي جي ڪاميابي جو دارومدار ايران جي فيصلن تي آهي.

ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته هو اهڙو معاهدو چاهين ٿا جيڪو آمريڪا جي مفادن ۽ خطي جي استحڪام لاءِ اثرائتو هجي.

رپورٽ موجب ٽرمپ سوشل ميڊيا تي جنگي جهاز جي هيٺان نصب ميزائل جي هڪ تصوير به شيئر ڪئي، جنهن تي هڪ مخصوص جملو لکيل آهي. هن پوسٽ کي ايران سان جاري ڇڪتاڻ ۽ جاري ڳالهين جي تناظر ۾ اهم قرار ڏنو پيو وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment