مودي حڪومت ڀارتي نوجوانن کان خوفزده آهي. کاکروچ جنتا پارٽي سوشل ميڊيا بند

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


بي جي پي جي ڪٺ پتلي مودي حڪومت ڀارتي نوجوانن جي ان حرڪت کان خوفزده آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪاڪروچ جنتا پارٽي جا سمورا سوشل ميڊيا اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيا آهن.

سچ جي آواز کان ڊڄي، مودي حڪومت جين زي جي زوردار تحريڪ ۽ عوامي تنقيد کي دٻائڻ لاءِ نيون حڪمت عمليون اختيار ڪيون آهن. انتهاپسند نااهل مودي حڪومت نوجوانن جي تحريڪ ڪروچ جنتا پارٽي جا سمورا سوشل ميڊيا اڪائونٽ بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن.

واضح رهي ته پارٽي جي آن لائن مهم کي ڪجهه ڏينهن ۾ لکين ماڻهو فالو ڪري چڪا آهن جڏهن ته هزارين نوجوان ان ۾ شامل ٿي چڪا آهن.

ڀارتي جرنل ڊيڪن ڪرانيڪل موجب پارٽي جي باني ابجيت ديپڪي چيو آهي ته هيڪنگ حملي سبب تنظيم پنهنجي سمورن سوشل ميڊيا اڪائونٽس تائين رسائي وڃائي ڇڏي آهي. ابجيت ديپڪي ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته سندس ذاتي انسٽاگرام اڪائونٽ به هيڪ ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب تنظيم تعليمي نظام جي ناڪامي ۽ پيپر ليڪ ٿيڻ واري تعليم واري وزير ڌرميندر پرڌان جي استعيفيٰ لاءِ مهم هلائي. ابجيت ڊپڪي دعويٰ ڪئي ته مهم جي ڪري کيس موت جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن.

ماهرن موجب هن وقت سوشل ميڊيا تي هڪ سياسي طنزيه تحريڪ آهي پر ان جي پويان بيروزگاري، پيپر ليڪ ۽ ٻين مسئلن تي نوجوانن جي ڪاوڙ آهي. تحريڪ جي مقبوليت کان پوءِ اهو سوال اڀرڻ لڳو ته ڇا اها به نيپال ۽ بنگلاديش جهڙي انقلابي تحريڪ جو روپ وٺي سگهي ٿي؟





Source link

Share This Article
Leave a Comment