فٽبال جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي کيڏيل نمائشي فٽبال ميچ ۾ پي ايف ايف اليون يونائيٽيڊ نيشن اليون کي هڪ جي مقابلي ۾ ٽن گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
جناح اسٽيڊيم اسلام آباد ۾ ٿيل ميچ ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحيٰ، فرانس، رومانيا، نائيجيريا ۽ زمبابوي سميت مختلف ملڪن جي سفارتڪارن، پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي صدر سيد محسن گيلاني، قومي فٽبال ٽيم جي هيڊ ڪوچ نولبرٽو سولانو، اڳوڻي قومي ڪپتان عيسيٰ خان ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي ۽ راندين ذريعي امن، ڀائيچاري جو پيغام ڏنو.
پاڪستان فٽبال فيڊريشن اليون شاندار راند جو مظاهرو ڪندي يو اين اليون کي ٽن گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
فاتح ٽيم طرفان شاهزيب ٻه ۽ عيسيٰ خان هڪ گول ڪيو جڏهن ته يو اين طرفان واحد گول ننو گبسن اسڪور ڪيو.
ان موقعي تي گڏيل قومن جي پاڪستان جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحيٰ چيو ته پاڪستان ۾ فٽبال ٽيلينٽ موجود آهي ۽ گڏيل قومن به فٽبال جي فروغ لاءِ سهڪار جاري رکيو ويندو.
پي ايف ايف جي صدر سيد محسن گيلاني چيو ته پاڪستان ۾ فٽبال تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي ۽ نوجوانن کي وڌ کان وڌ موقعا فراهم ڪري هن راند کي ملڪ جي هر ڪنڊ تائين پهچايو ويندو.


