سون سستو ٿي ويو؛ عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ قيمتون گهٽجي ويون

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جو في تولو اگهه 24 ڊالرن جي گهٽتائي سان 4 هزار 530 ڊالرن جو ٿي ويو، مقامي صرافه مارڪيٽن ۾ به سون جو في تولو اگهه 2 هزار 400 رپين جي گهٽتائي سان 4 لک 75 هزار 362 رپيا ٿي ويو.

اهڙي ريت سون جي في 10 گرام جو اگهه به 2 هزار 57 رپيا گهٽتائي سان 4 لک 7 هزار 546 رپيا ٿي ويو آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ چاندي جي في اونس قيمت هڪ ڊالر 53 سينٽ جي گهٽتائي سان 76 ڊالر 33 سينٽس ٿي وئي، چاندي جو في تولو اگهه 153 رپيا گهٽجي 8 هزار 117 رپيا ۽ چاندي جو في 10 گرام اگهه 131 رپيا گهٽجي 6 هزار 959 رپيا ٿي ويو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment