مشهور ڀارتي اداڪار راماڪانت ڌما لاڏاڻو ڪري ويو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڀارتي ڊرامن ۽ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ سينيئر اداڪار رماڪانت ڌما لاڏاڻو ڪري ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب رماڪانت دياما 69 سالن جي ڄمار ۾ اڱاري ڏينهن هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، پر فوري طور تي سندس موت جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

رپورٽن مطابق چاڪ ڊي انڊيا جهڙين مشهور فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ رامڪانت ڪافي عرصي کان بيمار هو.

رامڪانت جي موت جي تصديق سندس ڪو اسٽار شوڀانگي انسٽاگرام تي سندس هڪ پراڻي وڊيو پوسٽ ڪندي ڪئي.

شوڀانگي وڊيو سان هڪ جذباتي پيغام پڻ شيئر ڪيو. وڊيو ۾، رامڪانت کي ڳائيندي، ناچ ڪندي ۽ دوستن سان سٺو وقت گذاريندي ڏسي سگهجي ٿو.

هن لکيو ته رماڪانت نه رڳو هڪ بهترين اداڪار هو پر هڪ مهربان دوست ۽ عظيم انسان پڻ هو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment