بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان هڪ ڀيرو ٻيهر انڊسٽري ۾ امن آڻڻ لاءِ مرڪزي ڪردار طور سامهون آيو آهي.
رپورٽن مطابق سلمان خان فلم ڊان 3 جي حوالي سان رنوير سنگهه ۽ فرحان اختر وچ ۾ هلندڙ اختلافن کي ختم ڪرڻ لاءِ ذاتي طور تي مداخلت ڪئي آهي.
تازو ئي بالي ووڊ ۾ ٻنهي شخصيتن جي وچ ۾ مبينا تڪرار تمام گهڻو ڌيان ڇڪايو جنهن کانپوءِ سلمان خان معاملي کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب سلمان خان رنوير سنگهه ۽ اختر خاندان سان رابطو ڪيو ۽ کين صلاح ڏني ته هو پنهنجا اختلاف خوشيءَ سان حل ڪن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سلمان خان فرحان اختر کي واضح ڪيو ته تخليقي اختلاف فلمي دنيا جو حصو آهن، جڏهن ته هن رنوير سنگهه سان به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سندس موقف ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي.
رپورٽن مطابق سلمان خان چاهي ٿو ته اهو معاملو قانوني شڪل نه وٺي ۽ نه ئي فلمي تنظيمون ان ۾ ملوث هجن.
هن ٻنهي ڌرين کي صلاح ڏني ته اهي مسئلا پرائيويٽ طور حل ڪن ته جيئن مستقبل ۾ ٻيهر گڏجي ڪم ڪرڻ جو امڪان برقرار رهي.
سلمان خان جي ان ڪردار کي سوشل ميڊيا تي به ساراهيو پيو وڃي.


