آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تصوير جلد ئي 250 ڊالرن جي آمريڪي ڪرنسي نوٽ تي ظاهر ٿي سگهي ٿي، جنهن لاءِ آمريڪي خزاني جو کاتو مبينا طور تي تيارين جي شروعاتي مرحلن ۾ آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ دعويٰ ڪئي آهي ته 250 ڊالرن جي تجويز ڪيل نوٽ تي ڊونلڊ ٽرمپ جي تصوير شامل ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي. جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته لڳ ڀڳ هڪ اڌ صديءَ ۾ اهو پهريون ڀيرو هوندو ته آمريڪي ڪرنسي تي ڪنهن زندهه شخص يا ويٺل صدر جي تصوير نظر ايندي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته تجويز ڪيل نوٽ آمريڪا جي آزاديءَ جا 250 سال پورا ٿيڻ جي موقعي تي تيار ڪيو پيو وڃي.
واشنگٽن پوسٽ موجب گذريل سال خزاني واري کاتي ۾ ٽرمپ جي ٻن ويجهن اهلڪارن بيورو آف اينگرينگ اينڊ پرنٽنگ جي عملي کي هدايت ڪئي هئي ته اهي ابتدائي نمونا تيار ڪن.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه آفيسرن تجويز تي قانوني اعتراض اٿاريا ڇاڪاڻ ته آمريڪي قانون ڪرنسي تي زنده صدر يا شخصيت جي تصوير ڇپجڻ کان منع ڪري ٿو.
بيورو جي ڊائريڪٽر، پيٽريشيا سليمان، قانوني ۽ انتظامي رڪاوٽن جو حوالو پڻ ڏنو، پر بعد ۾ هن جي پوسٽ تان هٽايو ويو.
ٻئي طرف نقادن جو چوڻ آهي ته ٽرمپ انتظاميه قومي ادارن ۽ علامتن تي ذاتي اثر رسوخ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ان کان اڳ به ٽرمپ جو نالو ڪيترن ئي سرڪاري ۽ ثقافتي ادارن سان جڙي چڪو آهي.
آمريڪي سينيٽر مارڪ وارنر ان منصوبي تي تنقيد ڪندي ان کي صدر ٽرمپ جي انا کي وڌائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو آهي.


