وائيٽ هائوس انتظاميا ڊونلڊ ٽرمپ جي صحت ۽ فٽنيس بابت ميڊيڪل رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. نيوز ايجنسي موجب وائيٽ هائوس طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي صدر جي صحت بهتر آهي ۽ هو مڪمل طور تي فٽ آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽرمپ بهترين صحت ۾ آهي ۽ ڪمانڊر ان چيف جي حيثيت سان پنهنجون سموريون ذميواريون نڀائڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي. وائيٽ هائوس طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته صدر ٽرمپ جي دل، ڦڦڙن، اعصابي نظام ۽ مجموعي طور جسماني ڪارڪردگي مضبوط ۽ صحتمند آهي، جڏهن ته ذهني ۽ جسماني صلاحيتون بهتر سطح تي برقرار آهن. رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته ٽرمپ جي هيٺين پيرن تي معمولي سوڄ هئي، جيڪا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گهٽ هئي، پر هن جي هٿن تي سوڄ بار بار هٿ ملائڻ ۽ اسپرين جي استعمال سبب ٿي هئي، جيڪا هڪ غير سنجيده طبي حالت آهي. هڪ جامع طبي معائنو شامل آهي دل جي اسڪين، ڪينسر جي اسڪريننگ ۽ مختلف ماهرن پاران تفصيلي جائزو. وائيٽ هائوس موجب آمريڪي صدر ٽرمپ جو والٽر ريڊ نيشنل ملٽري ميڊيڪل سينٽر ۾ طبي معائنو ڪيو ويو.
Source link

هيٺين پيرن ۽ هٿن ۾ سوڄ، ٽرمپ جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ انڪشاف
Leave a Comment Leave a Comment

