ڪراچي:
نيو ڪراچي جي صرافه بازار ۾ گهر نمبر ايل 287 مان عورت جو 2 ڏينهن پراڻو لاش هٿ آيو آهي.
اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو اهلڪارن واقعي واري هنڌ پهچي فوتي عورت جو لاش کڻائي اسپتال پهچايو، جتي فوتي جي سڃاڻپ 50 ورهين جي ريشم ڌيءَ عابد حسين طور ٿي.
پوليس موجب شروعاتي طور موت جو ڪارڻ معلوم ٿي سگهيو آهي پر موت جو آخري ڪارڻ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ئي معلوم ٿيندو.


