پهرين ون ڊي: پاڪستان آسٽريليا کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



پاڪستان ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾ آسٽريليا کي ٻن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. راولپنڊي ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان 201 رنسن جو هدف مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. پاڪستان طرفان بابر اعظم 69 ۽ غازي غوري 65 رنسون ٺاهيون. ٻين بيٽسمينن ۾ صاحبزاده فرحان 28، معاذ صداقت 8 ۽ سلمان آغا 6 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا، جڏهن ته عرفات منہاس 18 ۽ عبدالصمد ناٽ آئوٽ رهيا. آسٽريليا طرفان ناٿن ايلس 2 وڪيٽون ورتيون. ميٿيو ڪوهنمن ۽ تنوير سنگا 1-1 وڪيٽ ورتي. آسٽريلوي ٽيم پاڪستان جي دعوت تي پهريان بيٽنگ ڪندي 44.1 اوورن ۾ 200 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ڪينگروز طرفان ميٽ رينشا 61 ۽ ميٿيو شارٽ 55 رنسون ٺاهيون. ٻين بيٽسمينن ۾ ميٿيو ڪوهنمن 24، ايلڪس ڪيري 19، ڪپتان جوش انگلز 13، نيٿن ايلس 8، اوليور پيڪ 7 جڏهن ته مارنس لبوشين، ڪيمرون گرين ۽ تنوير سنگا بنا ڪنهن رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. پاڪستان طرفان عرفات منهاس 5 وڪيٽون ورتيون. ابرار احمد 2، شاهين شاهه آفريدي، سلمان آغا ۽ حارث رئوف 1-1 وڪيٽ ورتي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment