پي ايس جي آرسنل کي شڪست ڏئي مسلسل ٻيو ڀيرو يوفا چيمپيئنز ليگ جو ٽائيٽل کٽي ورتو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



فرانسيسي ڪلب پيرس سينٽ جرمين (پي ايس جي) دلچسپ مقابلي کانپوءِ آرسنل کي پينلٽي شوٽ آئوٽ ۾ شڪست ڏئي مسلسل ٻيو ڀيرو يوفا چيمپيئنز ليگ جو ٽائيٽل کٽي ورتو. فائنل جي مقرر وقت تي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچ 1-1 گول جي برابر رهي. ميچ جي ڇهين منٽ ۾ لوڪاس هورووٽز گول ڪري آرسنل کي برتري ڏياري پر ٻئي هاف ۾ پي ايس جي جي عثمان ڊيبيلي شاندار گول ڪري ميچ برابر ڪري ڇڏي. مقرر وقت کان پوءِ کيڏيل اضافي وقت ۾ به ٻئي ٽيمون وڌيڪ گول ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون، جنهن سبب فتح جو فيصلو پينلٽي شوٽ آئوٽ تي ڪيو ويو. پي ايس جي چيمپيئنز ليگ ٽرافي کي 3-4 تان شڪست ڏئي پينالٽي شوٽ آئوٽ ۾ کٽي ورتو، پي ايس جي جو ٻيو مسلسل چيمپئنز ليگ جو ٽائيٽل آهي. گذريل سال به فرانس جي ڪلب فائنل ۾ انٽر ميلان کي شڪست ڏئي يورپ جي سڀ کان وڏي ڪلب فٽبال ٽرافي کٽي هئي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment