ڪراچي ۾ ٽريفڪ حادثن ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ نوجوان زخمي ٿي پيو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

شهر قائد ۾ مختلف هنڌن تي ٽريفڪ حادثن ۽ فائرنگ جي واقعن ۾ 2 ڄڻا فوت جڏهن ته هڪ ٻارڙو زخمي ٿي پيو.

پهريون واقعو ڪلفٽن بوٽ بيسن روڊ تي سگنل وٽ ٿيو جتي نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.

ايڌي اهلڪارن موجب فوتي جو لاش جناح اسپتال پهچايو ويو، جنهن جي سڃاڻپ روهت جي نالي سان ڪئي وئي آهي.

ٻيو واقعو محمود آباد جي اختر ڪالوني سيڪٽر سي اسٽريٽ نمبر 7 ۾ پيش آيو، جتي گهر اندر پراسرار نموني فائرنگ ڪري 6 ورهين جو ٻارڙو زخمي ٿي پيو.

پوليس موجب زخمي ٻارڙي کي فوري طور تي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس سڃاڻپ محمد الحم طور ٿي.

ٽيون واقعو سپر هاءِ وي تي خانگي هائوسنگ سوسائٽي ويجهو پيش آيو، جتي نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويو.

ايڌي عملدارن موجب لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، فوتي جي سڃاڻپ 56 ورهين جي سڪندر خان طور ٿي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment