سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾ اونهاري جون موڪلون شروع

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾ گرمين جون موڪلون شروع ٿي ويون آهن.

تفصيل موجب اونهاري جون موڪلون پهرين جون کان 2 آگسٽ تائين جاري رهنديون، ان سلسلي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ سميت ماتحت عدالتن ۾ اهم ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ خصوصي بينچون قائم ڪيون ويون آهن.

هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر لاءِ به اسپيشل بينچ جوڙيا ويا آهن. خاص بينچ روزانو 9:30 کان 1 وڳي تائين ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندي.

ان حوالي سان رجسٽرار سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪيولر جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب اونهاري ۾ عدالتن جا آفيس ڪلاڪ صبح 9 وڳي کان منجهند 3 وڳي تائين هوندا.

سرڪلر موجب جسٽس سليم جيسر جي سربراهي ۾ 2 رڪني آئيني بينچ موڪلن دوران اهم ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندي. جسٽس ارشد حسين خان جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني باقاعدي بينچ به ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي، جڏهن ته جسٽس عمر سيال ۽ جسٽس يوسف علي سعيد الڳ الڳ بينچن ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي ڪري رهيا آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment